طوفان عشق سمنڊ غم

طوفان عشق سمنڊ غم

طوفان عشق سمنڊ غم

طوفان عشق سمنڊ غم (ڪتاب): سرائيڪي ۽ سنڌي ڪافين تي مشتمل هن ڪتاب جو مصنف خيرپور رياست جو حڪمران خان ٽالپر'>مير علي نواز خان ٽالپر ناز آهي. مير صاحب پنهنجي دؤر جو بهترين شاعر هو. راڳ جو ۽ يڪتارو وڄائڻ جو شوقين هوندو هو. هن کي شعر و شاعريءَ سان وڏو عشق هو، هن غزلن کان وڌيڪ ڪافيون چيون آهن پر سندس ڪافيون سچل سرمست جي ڪافين وانگر گهڻي ڀاڱي غزل جي دائري ۾ اچي وڃن ٿيون. هن ڪتاب ۾ ڪُل 46 ڪافيون آهن. ڊيمي سائيز ۾ 138 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب 14 صفر المظفر 1350/ پهريون جولاءِ 1931ع ۾ خان ٽالپر'>مير علي نواز خان ٽالپر پاڻ خود ڪوه نور پريس ورڪس ڪراچي مان ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت ڪا به ڄاڻايل نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو